پيارواسٽيشن (ن پ ا) يوسي رپ جي ڳوٺ ٻڍو پنهور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ ٻڍو پنهور جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي ي پيارو پنهور، علي محمد پنهور ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  برساتي پاڻي جي لنگھ بند ڪرڻ سان اسانجي گهرن ۾ 2 فٽ پاڻي  بيهي ويو آهي، گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.