ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف جي شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ جرڪس شاخ ۾ مسلسل روزانو مئل ڪتا، ٻڪريون، فارمي ڪڪڙن جا ڀريل ڪٽا لڙھي اچڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي بدبودار ٿي بيماريون پکيڙڻ لڳو آهي، جنهن خلاف ملڪاڻي جي شھرين ميرحسن ملڪاڻي، قادر ھنگورجو، شڪيل ملڪاڻي، سجاد علي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ملڪاڻي آڏو آبپاشي کاتي جي بيلدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھري ۾ شھرين صحافين کي ٻڌايو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي جرڪس شاخ آبپاشي عملدارن جي نااھلي سبب گٽرنالو بڻجي وئي آهي جنهن ڪري روزانو مئل جانورن ۽ فارمي ڪڪڙين جي فارمن جا مالڪ مئل ڪڪڙيون شاخ ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا جنهن ڪري ملڪاڻي سميت ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جو پيئڻ جو پاڻي گندو بڻجي ويو آهي پر آبپاشي کاتو ڏسڻ جي باوجود ڪو به قدم نٿو کڻي. شھرين آبپاشي کاتي جي وزير ۽ اعليٰ عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته نااھل آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي.