پيءُ جي بدسلوڪي کان تنگ ٿي شيلٽر هوم پهتل نينگري سان ريپ: 2 جوابدار گرفتار

0
374
شيلٽر هوم پهتل نينگري سان ريپ
پيءُ جي بدسلوڪي کان تنگ ٿي شيلٽر هوم پهتل نينگري سان ريپ: 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ پيءُ جي مبينا بدسلوڪي کان تنگ ٿي پناهه لاءِ شيلٽر هوم پهتل نينگري کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ٻن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيلٽر هوم ۾ 13 ورهين جي نينگري سان مبينه زيادتي ڪئي وئي، متاثر ڇوڪري جي فرياد تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪيس ۾ نينگري ڄاڻايو ته منهنجي ماءُ فوت وئي، منهنجو پيءُ ۽ چاچو مون سان بدسلوڪي ڪندا هئا، اها ڳالهه  مون پنهنجي ڏاڏيءَ کي ٻڌائي ته ان مون کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب آئون ٻه مهينا اڳ گهر مان ڀڄي شيلٽر هوم پهتيس، شيلٽر هوم ۾  ملازمه جي پٽ مون سان زيادتي ڪئي

پوليس متاثر ڇوڪريءَ جي پيءُ عبدالقادر ۽ شيلٽر هوم جي ملازمه کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ٻئي طرف پوليس سرجن ڊاڪٽر ساميه سيد ڇوڪري سان زيادتي جي تصديق ڪئي آهي