پشاور (م ڊ) پشاور جي مقامي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي به شوال جوچنڊ نظر نه آيو آهي ان ڪري هن ڀيري سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر هڪ ئي ڏينهن يعني سڀاڻي ڇنڇر 22 اپريل تي ملهائي ويندي. پشاور جي مقامي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي سربراهه مفتي پوپلزئي جمعي تي ٽيهون روزو ٿيڻ ۽ 22 اپريل ڇنڇر تي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مقامي ڪاميٽي جو اجلاس پشاور جي مسجد قاسم علي خان ۾ مفتي پوپلزئي جي صدارت ۾ ٿيو، غير سرڪاري چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪجھه جاين تان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون پر انهن کي غير تصديق ٿيل قرار ڏنو ويو. اجلاس کان پوءِ مفتي پوپلزئي چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪندي عيد الفطر سڀاڻي ڇنڇر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو.