ماتلي (ن پ ا) ماتلي شهرجي واحد آباد ڪالوني ۾ 22 ڏينهن اڳ گهر اندر چورن هٿان قتل ٿيل 16 ورهين جي  نينگر پون ڪولهي جي قتل ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن مان 3 جوابدارن کي ماتلي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ايس ايچ او مير محمد گاڏهي موجب ته قتل ٿي ويل نينگر پون جي والد هاشو ڪولهي جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن خير محمد چانڊيو، پيار علي ٿهيم ۽ نظير ٿيٻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي،2 روپوش جوابدارن علي اڪبر ٿهيم ۽ سلطان ٿهيم جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون،  کين به جلد گرفتار ڪيو ويندو.