عمرڪوٽ(رپورٽر)سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ 10 ڪتاب لکندڙ استاد پونجراج ڪيسراڻي جي چئن ڪتابن جي مھورتي تقريب عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿي، ٿر ايجوڪيشن فورم پاران منعقد ڪرايل تقريب ۾ استادن پروفيسرن اديبن توڙي سماج سڌارڪن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ليکڪ جي ونيء ۽ ڌيئر به شرڪت ڪئي، نامياري ليکڪ ۽ محقق ڀارو مل امراڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پونجراج ڪيسراڻي جيڪو علمي ڪم ڪيو آھي اھڙو ڪم گھڻا اديب ۽ دانشور نه ڪري سگھيا آھن، پونجراج ڪيسراڻي پنھنجي ادبي توڙي ذاتي زندگي ۾ روايتن کي تبديل ڪري نئين دنيا اڏيندڙ ليکڪ طور پاڻ مڃرايو آھي، جڏهن ته تقريب کي تعليمي ماھر ڪريم بخش شيخ، ڊاڪٽر عزيز رحماني، پروفيسر عبدالرئوف سومرو، پرتاب مينگھواڙ، ممتاز سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.