اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پوليس ۾ سياسي مداخلت تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت سبب بدلين مقررين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ پوليس ۾ بدلين ۽ مقررين جو 8 سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، وفاق ۽ صوبن کي 2 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، درخواستگذار وڪيل دليل ڏنا ته پوليس آفيسرن جي بدلي ۽ مقرري سياسي مداخلت ۽ اثر سبب ٿيندي آهي، تازو هڪ عورت ڊي پي او ليه جي بدلي به سياسي مداخلت سان ٿي، اها بدلي مقامي سياستدان جي چرچ تي وزيراعليٰ هائوس مان ٿي. پوليس مزاحمت ڪئي پر آخرڪار عورت ڊي پي او ليه چارج ڇڏي ڏني، پنجاب ۾ آءِ جي پوليس جي سراسري مدت 6 مهينا آهي جيڪا قانون موجب ٽي سال هجڻ گهرجي، چئن سالن ۾ پنجاب پوليس آفيسرن کي ڪارڻ ٻڌائڻ کانسواءِ بدلي ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته پوليس آفيسرن جي بنا سبب بدلي سان ڪمانڊ ۽ فوجداري نظام انصاف جي ڪرڪردگي تي اثر پوندو آهي، انهن حالتن ۾ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ وڏا عهدا حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌندو ٿو وڃي. هن چيو ته ڊيٽا موجب پنجاب ۾ ڊي پي او جي سراسري مدت پنج مهينا آهي، 4 سالن ۾ پنجاب ۾ 268 ڊي پي اوز تبديل ٿيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻو آءِ جي وڏو پڙهيو لکيو ۽ معتبر آفيسر هو، سنڌ هائوس تي حملي جي معاملي کي سٺي انداز ۾ منهن ڏنو، اهو به تبديل ٿي ويو. سپريم ڪورٽ پوليس ۾ سياسي مداخلت واري ڪيس جو دائرو پنجاب کان سڄي ملڪ تائين وڌائيندي رڪارڊ طلب ڪيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آفيسرن جي هر هر تبديلي سان ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي، عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته عدالت چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران افضل کي جبري موڪل تي موڪلڻ خلاف درخواست کي به پوليس ۾ سياسي طور بدلي مقرري ڪيس سان گڏ ٻڌڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جي مقرري وفاقي حڪومت ڪندي آهي.