خانپور مهر: مقتول عبدالقادر عالماڻيءَ جي وارثن عبدالباسط عالماڻي، خدابخش، سوڍل، امام بخش عالماڻي ۽ ٻين پوليس آفيسر آڏو سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس سندن مٿان جسڪاڻي ڌر جي ونگار وھندي بنا جواز ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ڳوٺاڻي عبدالقادر کي پاڻيءَ ۾ غوطا ڏيئي تشدد ڪري ماريو آھي. ڳوٺاڻاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي تائين احتجاج جاري رهندو. هنن جو چوڻ هو ته پوليس ظالم جي انتها ڪندي ڳوٺاڻي کي بنا جواز قتل ڪيو آهي.