ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي فنڊن ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ واري پوليس آفيسرن  جي ڪيس جي ٻڌڻي سندن وڪيل فاروق ايچ نائيڪ پيش نه ٿيڻ ڪري ملتوي، سندس جونيئر وڪيل چيو ته فاروق ايچ نائيڪ مصروفيتن سبب پيش نه ٿيو آھي، واضح رهي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ايس ايس پي فيصل بشير ميمڻ، ايس، ايس پي تنوير احمد طاهر ۽ ٻين پوليس آفيسرن احتساب عدالت جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڄاڻايو  هو ته نيب جي نئين قانون موجب احتساب عدالت پوليس آفيسرن جي ريفرنس کي ڪنهن ٻئي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ واري  درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، نئين قانون هيٺ اسان جو ريفرنس احتساب عدالت کان ٻي عدالت منتقل ڪيو وڃي، ڄاڻايل آفيسرن خلاف نوشھرو فيروز، نواب شاھه،  حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال، پوليس جا فنڊ ھڙپ ڪرڻ، غيرقانوني مقرريون ڪرڻ ۽ ٻين الزامن  هيٺ  احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل آهن، اڳوڻو آءَ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا پوليس آفيسر ضمانت تي آزاد آهن.