پوليس کان ڏوهاري ۽ جرڳائي زور: 2 جوابدار ماريندڙ اهلڪارن جرڳو ڪرائي جان بچائي: 50 لک ڏنڊ

0
138
پوليس کان ڏوهاري ۽ جرڳائي زور: 2 جوابدار ماريندڙ اهلڪارن جرڳو ڪرائي جان بچائي: 50 لک ڏنڊ
پوليس کان ڏوهاري ۽ جرڳائي زور: 2 جوابدار ماريندڙ اهلڪارن جرڳو ڪرائي جان بچائي: 50 لک ڏنڊ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ 22 مئي 2021ع تي وچ شهر ۾ ون فائيو مددگار سينٽر وٽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن جوابدارن محمد شير گلواڻي جکراڻي ۽ بختيار شيرواڻي جکراڻي جي خون جو جرڳو پ پ اڳواڻ صابر جکراڻي ۽ چنگيز پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿيو

ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي مارجي ويل جوابدارن جي قتل جو الزام ٻن اهلڪارن محمد علي بروهي ۽ دلاور سٻايو تي ثابت ٿيڻ تي في خون بها 20 لک رپيا مقرر ڪري ٻنهي خونن جو 40 لک ڏنڊ جي فتويٰ ڏني وئي

جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جي وارثن غازي خان جا 3 لک بابل جکراڻي جا 5 لک ۽ رهزن جکراڻي جا 2 لک مجموعي طور 10 لک رپيا ايندڙ خرچ به الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن مٿان مڙهيو ويو

مجموعي طور 50 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، سرپئنچ جي فتويٰ موجب ته الزام هيٺ آيل ٽيون اهلڪار طارق ترين پاڪ ڪتاب تي مارجي ويل ڏوهارين جي وارثن کي صفائي ڏيندو صفائي نه ڏيڻ جي صورت ۾ 5 لک  چٽي ڀريندو

جڏهن ته فتويٰ اچڻ کانپوءِ الزام هيٺ آيل ڌر پاران 2 لک روپيا ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، بقايا 48 لک روپيا 3 قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا ٻئي ڌريون پوليس خرچ ۽ عدالت ۾ ٿيل خرچ پاڻ ڀريندا، جڏهن ته فتويٰ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو

هي به پڙهندا

دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن: ايس ايڇ او شهيد: 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ