ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران سنڌ پوليس کي هٿيارن ۽ گاڏين جي خريداري جي مد ۾ هر سال اربين رپين جي بجيٽ ڏني وڃي ٿي، انهي باوجود پوليس آفيسرن جي ناقص رٿابندي ڪري جوانن جون زندگيون اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، رپورٽن  موجب مختلف وقتن تي ڌاڙيلن پاران جديد هٿيارن جي نمائش به ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته پوليس طرفان خريد ڪيل بڪتربند گاڏين ۾ وري ڌاڙيلن جي جديد هٿيارن جي گولي آر پار به ٿي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي اختيارين پاران انهن ناڪاره اي پي سيز  بابت جاچ نه ڪرائي وئي آهي، ساڳئي وقت پوليس آفيسر ڌاڙيلن کي جديد هٿيارن جي پهچ روڪڻ ۾  ناڪام رهيا آهن.