ڪرامپور : ناپرڪوٽ پوليس پاران ڏوهارين جون عورتون گرفتار ڪرڻ جي ردعمل ۾ عبدالڪريم جهانگواڻي کي اغوا ڪيو ويو،  مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪچي ۾ سرچ آپريشن دوران ڏوهارين جي 10 کان وڌيڪ عورتن کي گرفتار ڪيو هو. ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي فون ڪري چيو ته پوليس اسان جون عورتون کڻي وئي آهي عورتن کي آزاد ڪرڻ بعد مغوي کي آزاد ڪيو ويندو.