ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي پوليس مشتاق مهر صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي احتجاج دوران شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ لاءِ دليري، محنت ۽ جفاڪشي جو مظاهرو ڪندڙ سنڌ پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته هو سنڌ حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور رينجرز جو ٿورائتو آهي، جن مشڪل گهڙي ۾ سندن ساٿ ڏنو، پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ چيو ته احتجاج جي سڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي دوران پوليس جي دليري ۽ جفاڪشي تي کيس فخر آهي، هن چيو ته آئون پنهنجن دلير آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جيڪي عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي لاءِ امن دشمنن سامهون لوهي ديوار بڻجي بيهي رهيا، هنن مڙسن جيان مقابلو ڪندي امن امان تي ضابطو رکيو.