دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي نواب ڪالوني جي رهواسڻ مسمات فرزانه لاشاري معصوم ٻارن سميت دادو پريس ڪلب پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 4 ڏينهن اڳ سندس مڙس غلام رسول لاشاري سيوهڻ کان دادو پهتو ته باء پاس  وٽ اهلڪارن کيس گرفتار ڪري کڻي ويا ۽ کيس گم ڪري ڇڏيو آهي ، پوليس اهلڪار مڙس کي آزاد ڪرڻ لاء 2 لک روپين جي گهر ڪن ٿا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مڙس کي ڦل فراء ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن ، مسمات فرزانه سيشن جج دادو جي عدالت ۾ سيڪشن 491 تحت ايس ايس پي دادو ۽ بي ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف درخواست داخل ڪئي آهي ، عدالت 4 ، آگسٽ تي اي ۽ بي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.