پوليس عملدار ڏوهارين کي گوليون پهچائيندا آهن: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو

0
211

تنگواڻي: تنگواڻي ۾ جمعدار حمزه علي باجڪاڻي معاملي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي جمعدار حمزه علي باجڪاڻي جي خبر ٽائيم نيوز تي بريڪ ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ انڪوائري لاءِ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ کان رپورٽ طلبي ورتي آهي

ٻئي ڌريون اڄ شام ايس ايس  پي شڪارپور امجد شيخ جي آفيس  ۾ طلب ڪيون ويون، ڪالهه جمعدار حمزه علي پاڪ  ڪتاب کڻي ڊي ايس پي نثار عالم ابڙو جي آفيس پهچي احتجاج ڪيو هو

حمزه باجڪاڻي موجب هُن کان  ٿاڻي جي منشين رشوت ورتي، کانئس ڊبل ڊيوٽي ورتي ٿي وڃي، هن سنڱين الزام هڻندي چيو ته ٿاڻي  جا عملدار ۽ اهلڪار ڏوهارين کي  هٿيارن جون گوليون پهچائيندا آهن

هي به پڙهندا

پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا