ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس  جي انويسٽيگيشن آفيسرن کي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ۽ آرٽيفيشل اينٽيلجنيس جي ٽريننگ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پوليس آفيسرن کي  آرٽيفيشنل انٽيليجنس جي خاص تربيت ڏني وڃي ، انهن ٽيڪنيڪل ٽريننگ پڻ ڏني وڃي. جڏهن ته عدالت هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ شاهدن کي  لاڳاپيل قانون تحت تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ا عدالت ايم آءِ ٽي ٽو کي حڪم ڏنو آهي ته اها سمورين ڪورٽس مان سنگين ڏوهن وارن ڪيسن جي شاهدن جي پيش نه ٿيڻ بابت تفصيل حاصل ڪري، ساڳئي آرڊر ۾ عدالت گٽڪي ۽ مين پڙي  خلاف سخت ڪارروائي جو پڻ حڪم ڏنو آهي۔