پوليس ته عدالتي حڪم به نٿي مڃي!

0
110
پوليس ته عدالتي حڪم به نٿي مڃي!

  سنڌ  ۾ اڳ ڌاڙا هڻندڙ ڌاڙيلن جا به ڪي اصول هوندا هئا. ڌاڙيل ڌاڙا ته هڻندا هئا پر مسڪينن کي اغوا ڪونه ڪندا هئا. اگر غلطي سان ڪو مسڪين اغوا  ٿي ويندو هو ته ان کي آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. عورتن ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪونه ڪندا هئا پر اگر اهڙو ڪم ڪنهن ڌاڙيل کان ٿي ويندو هو،  ڪنهن عورت کان ڦر ڪئي هجي ته ڌاڙيل برادري ان کي بزدل سمجهندي هئي. ان کي مڙس ماڻهو تصور نه ڪيو ويندو هو. هتي سنڌ ۾ عورتن ۽ ڪمسن ٻارن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويئي آهي. عورتن جو قتل ۽ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪري انهن کي قتل ڪري ڦٽو ڪيو ٿو وڃي. اڳ سنڌ ۾   اهڙيون  روايتون ڪونه هيون.

                 هن وقت ڪيتريون ئي امڙيون پنهنجن ٻچن جي جدائي ۾ روئي روئي اکين جو نور به وڃائي ويٺيون آهن. نئين ديري مان ساحل ڪوريجو اغوا ٿيل آهي، جنهن کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن، جنهن جي ماءَ پنهنجي ٻچڙي جي لاءِ روز راهون نهاري پئي. 9 سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ساحل بازياب ناهي ٿي سگهيو. ساحل جي والدين اهو در نه ڇڏيو، جتي ساحل جي بازيابي لاءِ نه ويا هجن. پوليس ٿاڻا، درگاهون، پيرن فقيرن ڏي پنڌ ڪيا پر ڪنهن به ساحل کي بازياب نه ڪرايو. سکر جي سنگرار شهر جي پري پريا ڪماري جيڪا محرم جي ڏينهن ۾ مومنن کي سبيل امام حسين پياريندي گم ٿي ويئي، جنهن کي 22 مهينا گذري چڪا آهن. پريا ڪماري جي باحفاظت بازيابي لاءِ احتجاج ٿيا پر پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي.

پريا جي امڙ جي بيوسي ۽ سوشل ميڊيا ۾ آيل پوسٽس ٻڌي ۽ ڏسي حساس دل ماڻهو ته پنهنجي اکين مان لڙڪ روڪي نٿو سگهي پر خبر ناهي اهي الاءِ ڪهڙي قسم جا انسان آهن، جن وٽ پٿر جون دليون آهن.

خيرپور ميرس جي شهر هڱورجا مان معصوم جعفر اغوا ٿيل آهي، جنهن جي امڙ پنهنجي ٻچڙي جي اچڻ جون راهون نهاري رهي آهي. ڪنڌڪوٽ جي رسالدار مان معصوم ٽن ورهين جو عظيم ميڻڪ ۽ ڏهن سالن جو واجب گولو اغوا ٿيل آهن. ساڳي ئي ڪنڌڪوٽ مان عورت نازيه کوسو چئن سالن جي ٻارڙي ڪوثر سان اغوا ٿيل آهي.

جيڪب آباد مان اٺ ورهين جو معصوم نويد احمد اغوا ٿيل آهي. اغوا ٿيل ٻارڙن جي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. امڙيون پنهنجن ٻارن کان سواءِ رات جو روئي روئي ننڍ نٿيون ڪن. حد جا ايس ايس پيز صاحب ڪوڙا مقابلا ڪري مال ٺاهڻ ۾ مصروف آهن يا وري سياسي ڀوتارن جي گاڏين کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ وقت گذاريو ڇڏين. ٻارن جي بازيابي لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي. ڊي آءِ جي سکر توڙي متعلقه ايس پيز  رپورٽون ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. اعلي عدليه جي جج ڪجهه سال اڳ اغوا ٿيل فضلا سرڪي ڪيس جو نوٽيس به ورتو هو، جيڪا اڄ تائين بازياب ناهي ٿي سگهي. سنگرار جي پرياڪماري جي بازيابي جو معزز جج حڪم ڏنو هو، ان کي ٻه سال گذري چڪا آهن، پر پريا ڪماري بازياب ناهي ٿي سگهي. پريا ڪماري لاءِ ٻه سال اڳ ٽن ايس ايس پيز تي مشتمل جاچ ڪميٽي به ٺهي هئي، خبر ناهي ايس پيز ڪهڙي جاچ ڪئي،

جيڪا عوام توڙي ميڊيا ۾ ظاهر ناهي ڪئي ويئي. هفتو اڳ ايس ايس پي سکر پريا ڪماري جي محرم کان اڳ بازيابي جي اميد ڏيکاري آهي. ٻارن جي اغوا جا واقعا وڌي رهيا آهن، پوليس پنهنجي ئي حفاظت مشڪل سان ڪري پئي، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو عدم  تحفظ جو شڪار آهن. پنهنجي ٻارن کي والدين گهر ٻاهران راند ڪرڻ لاءِ گهٽي ۾ به نٿا ڇڏين. والدين سوچڻ تي مجبور آهن ته جتي چيف جسٽس جو حڪم جي پورائي لاءِ بس رڳو پوليس رپوٽون ٺاهي پيش ڪندي هجي، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن تي اعتماد ڪجي! پوليس کي گهرجي ته وڏيون ڪوششون وٺي ۽  اغوا ٿيل ٻارن کي هڪدم بازياب ڪرائي. ٻارن جي اغوا ڪارن جو پتو لڳائي انهن کي سخت سزا ڏيئي عوام جو وڃايل اعتماد بحال ڪيو وڃي.