ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عدالت کان مٿانهون قتل ڪيس 32 سالن بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو، 1990ع ۾ پوليس تشدد ۾ قتل ٿيل نوجوان شڪيل جي 90 سالن جي پيرسن پيءُ کي 2 ڪروڙ 8 لک جو چيڪ ملي ويو، عدالت سي آءِ  اي سينٽر ۾ پوليس تشدد ۾ نوجوان جي قتل تي اسٽيٽ بينڪ کي سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ مان 2 ڪروڙ 8 لک ڏيڻ مقتول جي وارثن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، واضح رهي ته شڪيل کي 24 اپريل 1990ع تي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽرآندو ويو، جتي هن وحشياڻي تشدد  سبب دم ڏنو