ڪراچي: سي ٽي ڊي غيرقانوني هٿيارن کي چيڪ نه ڪرڻ جو ذميوار پوليس کي قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان مان مسافر بسن ۾ اسمگل ٿيل سامان به ايندو آهي. سي ٽي ڊي جي سينئر ايس پي ساجد سدوزئي بي بي سي کي ٻڌايو ته پوليس وٽ اسٽريٽ ڪرمنلز يا انهن جي گروهن جي ڪل تعداد بابت ڪا ڊيٽا موجود ناهي، ۽ نه ئي ڪرائي تي هٿيار ڏيندڙن جي انگ جي خبر آهي، ڪرائي تي هٿيار فراهم ڪندڙ موجود ضرور آهن جن جا 20 سيڪڙو وارداتن ۾ هٿيار استعمال ٿين ٿا. هٿيارن جا ڊيلر هٿيار وڪرو ڪرڻ وقت ان جي هڪ گولي جو خول پاڻ وٽ ضرور رکن. امپورٽ ٿيل هٿيار به ڏوهن ۾ استعمال ٿيندا آهن ۽ ڊيلر بنا لائسنس جي به هٿيار وڪرو ڪندا آهن پوليس وارا ڊيلرن جي چيڪنگ نه ڪندا آهن. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ مسافر بسن ۾ اسمگلنگ جو سامان، منشيات ۽ هٿيار به ڪراچي آندا ويندا آهن.