پوليس اھلڪارکي شھيد ڪندڙ جوابدار بااثر شخصيت جو پٽ نڪتو

0
427
پوليس اھلڪار کي شھيد ڪندڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  جي  ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪندڙ جوابدار خرم نثار اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جو پُٽ نڪتو آھي

 ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار خرم نثار جو ڊفينس فيز 5 ۾ گهر آهي، پوليس جوابدار جي گهر تي ڇاپو هڻي هٿيار ۽ دستاويز هٿ ڪري ورتا آهن ۽ هڪ چوڪيدار کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي

ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار پنهنجي فيملي سان گڏ سوئيڊن ۾ رهندو هو، سندس ٻيو ڀاءُ فيصل آباد ۾ رهي ٿو، جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن

پوليس اهلڪارن بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته جوابدار هڪ ڇوڪريءَ کي زبردستيءَ ڪار ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن دوران هو اُتي پهتا ته جوابدار منهن ماري ڪئي ۽ فائر ڪري اهلڪار کي شهيد ڪيو

<p>پولیس نے بتایا کہ اہلکاروں کے مطابق مبینہ ملزم لڑکی کو اغوا کرنے کی کوشش کر رہا تھا— فوٹو: امتیاز علی</p>

ڊي آءِ جي چيو ته اُن واقعي وارا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار جي هٿ ۾ پستول آهي، پوليس اهلڪار جي پُڇا ڪرڻ تي جوابدار چوي ٿو ته کيس لائسنس وارو پستول آهي

وڊيو ۾ پوليس اهلڪار جوابدار کي گاڏيءَ ۾ ويهڻ جو چئي رهيو آهي، جنهن دوران هُن فائر ڪري کيس شهيد ڪيو، گذريل رات ڊفينس 5 واري علائقي ۾ جوابدار جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عبدالرحمان شهيد ٿي ويو هو، شهيد اهلڪار جي هڪ مهيني کانپوءِ شادي ٿيڻي هئي

ھي به پڙھندا

سنڌ پوليس جا اهلڪار اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد