پوليس اھلڪارن جي شھادت جو ذميوار ڪير ؟

0
141
پوليس اھلڪارن جي شھادت جو ذميوار ڪير ؟

سنڌ ۾ امن امان کي بھتر بنائڻ عوام جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس جي جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به نظرانداز يا انھن جي محنتن کي وساري نٿو سگهجي خاص ڪري ڪراچي جھڙي شھر ۾ ڪافي سالن کان ٽارگيٽ ڪلرز سان مقابلو ھجي يا اتر سنڌ جي ڪجھه ضلعن ۾ پوليس بمقابلا ڌاڙيل ھجن ھر جڳهھ تي سنڌ پوليس جي اهلڪارن عوام جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ھر وقت پاڻ ملھايو آهي. ھڪ مھينو اڳ بدنام زمانه ڌاڙيل سلطان عرف سلطو شر جي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ سندس ساٿي ڌاڙيل مسلسل پوليس انتظاميا کي للڪاريندا رھيا ته ساٿي دوست جو پلاند ڪنداسين ڪير به ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ نه اچي، جيڪڏهن پوليس آفيسر ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ ايندا ته واپس نه وڃي سگھندا. اھڙين ڌمڪين باوجود وڏي تعداد ۾ سنڌ پوليس جا بھادر اھلڪار آپريشن مشينري، سھولتون جديد طرز جا ھٿيار نه ھجڻ باوجود گھوٽڪي جي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ ويا ته ڌاڙيلن جي خوني حملي سبب ھڪ ڊي ايس پي 2 ايس ايڇ او سميت 6 اھلڪار شھيد ٿي ويا

حقيقت ۾ ھي صرف پوليس اھلڪارن جي شھادت نه پر حڪومت کي سخت پيغام آهي ته وقت جي حڪومت پنھنجي شھيد اھلڪارن جو پلاند ڪيئن ٿي ڪري يا ماضيءَ وانگر شھيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جيان اِنھن پوليس اھلڪارن جا خون رائيگان ويندا. ھي پھريون واقعو ناھي جنھن ۾ پوليس اهلڪار ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿيا ھجن ڪشمور شڪارپور گھوٽڪي جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس اهلڪارن جي شھادت جا واقعا معمول بڻيل آهن. سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي سبب ھر دفعي پوليس اھلڪارن جا لاش ملي رهيا آهن پر ڌاڙيل راڄ ڏينھون ڏينهن انھن ضلعن توڙي ڪچي ۾ مضبوط طاقتور بڻجي رهيو آهي جنھن جا پڻ ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا پر موجوده صورتحال کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ته انھن ڌاڙيلن کي تر جي ڀوتارن وڏيرن سردارن جي حمايت ھجڻ ڪري اهي ڏينھون ڏينهن وڌي رهيا آهن باقي ختم ٿيڻ جو ڪو نالو نشان ناھي

ٿوري سوچڻ جي ڳالھه آهي ته تازو جڏهن سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ آئي ڪچو ٻڏي تباھه ٿي ويو عام ماڻهن شھرن ڏانهن رُخ ڪيو ھو ته اُھي بدنام ڌاڙيل ڪنھن جي سھاري ڪٿي لڪي گم ٿي ويا هئا. ڪچي ۾ انھن ڌاڙيلن جي رھائش پڪٽون کاڌ خوراڪ تباھه ٿي ويو ھوندو پوءِ اُھي ساڳيا ڌاڙيل ايترو جلد ڪچي ۾ ڪيئن مضبوط طاقتور بڻجي ويا؟ انھن سوالن سميت ڪافي سوالن جو ھڪ ئي جواب آهي ته انھن ڌاڙيلن کي تر جي ڀوتارن وڏيرن سردارن جي حمايت آهي يا وري سنڌ حڪومت ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رھي آھي. وزيراعليٰ سنڌ جي مطابق ته ڌاڙيلن وٽ اھڙا جديد ھٿيار آهن جيڪي پوليس وٽ نه آهن پوءِ اُھي ھٿيار انھن کي ڪٿان ۽ ڪيئن ٿا  اچن ڪير ٿو پھچائي ؟ وڏي ڳالھه ته شھيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن  اھو خدشو ظاهر ڪندي بيان ڏنو آهي تهپوليس اهلڪارن جي شھادت جا ذميوار سندن ساٿي اھلڪار آهن جيڪي شھيد اھلڪارن جي مُخبري ڪري ڌاڙيلن کي ڄاڻ ڏيندا هئا

وارثن جي اھڙي حساس خدشي کي جيڪڏهن سنجيدگي سان ورتو وڃي ته پوليس ۾ شامل ڪاريون رڍون ظاهر ٿي پونديون جيڪي پوليس جي لاءِ ناڪامي جو باعث بڻجن ٿا. جيڪڏهن واقعي سنڌ حڪومت سچائي ۽ سنجيدگي سان ڌاڙيلن جي پاڙ پٽڻ چاھي ٿي ته صرف ھڪ دفعو تياري سان پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز  جو گڏيل  آپريشن ڪرائي ته ڪچي جا ڌاڙيل ھميشھ جي لاءِ ختم ٿي سگھن ٿا. ھتي ھڪ سوال جنم وٺي ٿو ته ھر ننڍي وڏي مسئلي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي طلب ڪري انھن کان مدد وٺڻ واري سنڌ حڪومت ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي ڳڻتي واري صورتحال ۾سيڪيورٽي فورسز  کي ڇو وساري ڇڏيو آهي ؟ جيڪڏهن ھينئر به پوليس جي مدد  لاءِ ٻين فورسز کي طلب ڪري آپريشن ڪيو وڃي ته وڏي ڪاميابي ملي سگهي ٿي باقي جيڪڏهن ماضيءَ وانگر سست رفتاري سان سھولتن جي کوٽ سان آپريشن ڪيو ويو ته سنڌ پوليس کي وڌيڪ نقصان پھچي سگھي ٿو. باقي رھي ڳالھه شھيدن جي خون سان انصاف جي اُھو انصاف ٿيڻ مشڪل آهي عوام اھو سوال پڇي رهيو آهي ته آخر پوليس اهلڪارن جي شھادت جو ذميوار ڪير آهي ؟ پوليس اهلڪارن جي شھادت جو ذميوار ضلعي جو ايس ايس پي آھي يا آءِ جي سنڌ آهي جيڪي بنا ڪنهن سھولتن يا گھٽ نفري مقرر ڪري ڌاڙيلن سان مقابلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو؟ ان سڄي معاملي جي جوڊيشل ڪميشن جوڙي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته آخر پوليس اهلڪارن جي شھادت جو ذميوار ڪير آهي؟ ذميوار آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري شھيد ٿيندڙ اھلڪارن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي

[email protected]