وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو گذريل ڏينهن جلباڻي ڪٽوهر تڪرار تان قتل ٿي ويلن 6 ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڳوٺ يعقوب جلباڻي تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه آيا، جڏهن ته پوليس ڳوٺ ۾ 10 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ هو ته جلباڻي ڪٽوهر جهيڙي ۾ 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه آيا. پوليس موجب جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.