پوليس اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ڇو آهي؟

0
388
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

بدامني سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب بڻيل آهي. ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين ڪو اهڙو شهر ناهي جتان ڦرن ۽ ڌاڙن جون خبرون نه اينديون هجن. شهر وڏا هجن توڙي ننڍا، ڳوٺ هجن يا شهرن جا پوش علائقا هر هنڌ بدامني جو راڄ آهي. ان کانسواءِ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺي آزاد ڪرڻ جو سلسلو به ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي، عيدون ويجهيون اينديون آهن ته انهن واقعن ۾ به واڌ اچي ويندي آهي. اڳ ۾ ماڻهن کي فون تي هرکائي اغوا ڪيو ويندو هو پر هاڻ ان سان گڏ گهرن، ڳوٺن، شهرن تي حملا ڪري ماڻهو اغوا ڪيا پيا وڃن. اڳ ۾ رڳو امير ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو هو پر هاڻ ته گڏهه گاڏو هلائي پيٽ پاليندڙن کي به بخش نه پيو ڪيو وڃي. انهن کي به اغوا ڪري سندن حيثيت موجب ڀنگ وڍي آزاد ڪيو ويندو آهي.
ان سڄي عمل کي روڪڻ جو ڪم حڪومت جو خاص طور تي پوليس جو هوندو آهي پر اسان وٽ سنڌ ۾ ڦرن، ڌاڙن، چورين ۽ اغوائن جي واقعن جون خبرون پڙهي لڳندو ئي ناهي ته ڪو هتي به ڪا حڪومت آهي ۽ ان حڪومت جي هٿ هيٺ هڪ عدد پوليس جو ادارو پڻ آهي جنهن جي ذميواري آهي ته اها ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري. ڏوهن تي ڪنٽرول ته پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ پوليس کي ته اها به خبر نه آهي ته سنڌ ۾ مارچ مهيني يا اپريل ۾ هن وقت تائين ڪيترا ڏوهه ٿي چڪا آهن. سنڌ پوليس جي ويب سائيٽ تي به صوبي ۾ ٿيل سنگين ڏوهن جا انگ اکر رڳو فيبروري 2021ع تائين جا اپڊيٽ ٿيل آهن، مارچ ۽ اپريل ۾ ڪيترا ڏوهه ٿيا اها خبر سنڌ پوليس به اڃا نه ڏئي سگهي آهي. دنيا ۾ ته پوليس کاتا سڀ کان وڌيڪ اپڊيٽ هوندا آهن ۽ 24 ڪلاڪن اندر ئي ويب سائٽ ۽ پنهنجو رڪارڊ اپڊيٽ ڪري وٺندا آهن پر اسان جي صوبي جي پوليس جو حال اهو آهي ته ٻن مهينن جا انگ اکر به گڏ ڪري نه سگهيا آهن. رڳو 2 اپريل جي اخبار ئي شاهد آهي ته دادو جي ٿاڻي مخدوم بلاول جي حد ۾ رهندڙ 25 ورهين جو فتح محمد سولنگي فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي سکر ويو ۽ اتان اغوا ٿي ويو آهي. سندس بيوه ماءُ نوابزادي جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن کائنس 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي ۽ نه ڏيڻ تي پٽ کي مارڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي.
جيڪب آباد ضلعي جي علائقي ڪريم بخش کوسو مان 13 ورهين جي نينگر ذيشان ابڙو کي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو آهي. لکي غلام شاهه ويجهو ٺل واسي اڳوڻو اڪائونٽ آفيسر مجيد سرڪي، فريد آباد ضلعي دادو جو رهواسي سونهارو پهوڙ اغوا آهن. ڪراچي جي علائَقي ابراهيم حيدري مان ڏيڍ سال جي ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ بعد ڇڏيو ويو. هي اهڙا واقعا آهن جيڪي رپورٽ به ٿي رهيا آهن، جن خلاف وارث روز احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري سندن آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر وارثن جا احتجاج اڃا تائين اجايا ثابت ٿيا آهن ۽ هو پنهنجي پيارن کان اڃا تائين پري آهن. پوليس جو چوڻ هوندو آهي ته ماڻهو پاڻ هرکجي اغوا ٿيڻ لاءِ علائقن ۾ پهچن ٿا اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. پوليس جو اهو عذر ان ڪري به قبوليت جوڳو نه آهي جو هاڻ ته ان عمل کي به ڪيترائي سال گذري چڪا آهن. پوليس وٽ سمورا سافٽ ويئر ۽ موبائل فون رڪارڊنگ، لوڪيشن لوڪيٽر ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن پر پوءِ به اغوا ڪندڙن کي روڪي ناهي سگهي. اها هن کاتي جي ناڪامي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ يا پوليس جي قيادت اهو مڃي ته جن علائقن ۾ اغوا ڪندڙ موجود آهن اهي پوليس جي پهچ کان پري آهن، اهي علائقا پوليس لاءِ به نو گو ايريا بڻيل آهن.
اتي وڃڻ کان پوليس جهڙي طاقتور اداري جا به پر سڙن ٿا ته پوءِ عام ماڻهو اغوا کي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهن ۽ پوليس ۾ دانهڻ بدران راڄوڻي ڪوششون ڪري ڀنگ ڀري ماڻهن کي آزاد ڪرائين. پر ان لاءِ به پوليس عوام کي اها سهولت ڏئي ته آزاد ڏيندڙن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان به آجو قرار ڏنو وڃي. حڪومت به اهي دعوائون ڪرڻ بند ڪري ته سنڌ ۾ امن امان قائم آهي. نه ته حڪومت پوليس کان پڇاڻو به ڪري ۽ اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون نه روڪي سگهندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي.