ڪراچي: مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر کان رقم واپس ڪرائڻ لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي . ذريعن جو چوڻ آهي ته مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد  جي ڊرائيور پاران ڏنل بيان جي روشني ۾ سنڌ حڪومت هڪ پوليس آفيسر جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي. جيڪا ڊي سي جي ڊرائيور سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد جي پنجاب واري گھر وڃي نشاندهي ڪيل هنڌ تان رقم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. واضح رهي ته ڊي سي مٽياري جي ڊرائيور ٻڌايو هو ته ڊي سي جي هدايتن تي 15 ڏينهن اڳ رقم ڪارٽونن ۾ ڀري پنجاب ۾ واقع سندس رهائشگاهه تي پهچائي وئي هئي.