لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر گهرو کاتي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن ايم پي اي فريال ٽالپر لاهوري محلا پهچي گهوٽڪي ضلعي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن سان تعزيت ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فريال ٽالپر شهيد جي وارثن کي هر ممڪن مدد جي خاطري پڻ ڪرائي. ٻي طرف شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن ڀاءُ ايڊووڪيٽ عبدالوارث ڀٽو ۽ سندس پٽ عبدالباسط ڀٽو فريال ٽالپر اڳيان دانيهندي چيو ته آفيسرن کي هٿ سان مارايو ويو آهي، واقعي جي  اعليٰ سطح جي جاچ ڪرائي وڃي، ايڊووڪيٽ عبدالوارث ڀٽو چيو ته اهڙي مقابلي جي شفاف سينئر آفيسرن کان انڪوائري ڪرائي پوليس اندر ڪاري رڍن کي ظاهر ڪري شهيدن جي خون انصاف ڪيو وڃي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شھيد آفيسر سان گڏ اسڪواڊ به ڪيترائي ڪلاڪن تائين نه پهتو، جنهجو وڏو صدمو رسيو آهي،   واقعو ڪئين ٿيو ڪهڙا آفيسر اتان واپس هليا ويا، جاچ ڪرائي وڃي،  هن وڌيڪ چيو ته  منهنجي ڀاءُ جي شھيد ٿيڻ وارو اطلاع به گهوٽڪي پوليس نه ڏنو، عبدالمالڪ جا هٿيار به ڌاڙيل پاڻ سان کڻي ويا آهن، ان جو به اسان کي نه ٻڌايو ويو هو. صاف شفاف نموني تحقيقات ڪرائي پوليس جي ڪاري رڍن کي وائکو ڪيو وڃي.