ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جون بدليون  آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس پي اظهر جاويد جون خدمتون ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي حوالي ڪيون ويون. اهڙي ريت ايس ڊي پي او ٽنڊو باگو ڌڻي بخش مري کي معطل ڪري کيس فوري طور سي پي او ۾  رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل رينج آفيس لاڙڪاڻو مقصود احمد کي بدلي ڪري سندس خدمتون ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) حوالي ڪيون ويون، ڊي ايس پي سي آءِ اي جيڪب آباد صادق اوڍو کي بدلي ڪري ايس ڊي پي او ڪشمور مقرر ڪيو ويو،  جڏهن ته سکر جي ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عبدالقدوس ڪلوڙ کي ڊي ايس پي ٽريفڪ لائسنس برانچ سکر جي وقتي چارج ڏني وئي، هوڏانهن  معطل ڊي ايس پي خادم ناريجو کي بحال ڪيو ويو، سندس خلاف انڪوائري جاري رهندي.