ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تازو پوسٽ گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ 241 ڊاڪٽرن جون آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن ۾ خالي پيل جاين تي مقرريون ڪيون آهن، ان حوالي سان گذريل ڏينهن صحت کاتي جي سيڪريٽري وٽ پوسٽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ ڪندڙ 241 ڊاڪٽرن کي ميرپورخاص، گھوٽڪي، دادو، ڄامشورو، بدين ۽ دادو سميت ٻين ضلعن جي سرڪاري اسپتالن توڙي ڊي ايچ اوز جي آفيسن ۾ خالي پيل جاين تي مقرر ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري صحت پاران انهن ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽن ڏينهن اندر پنهنجن مقررين واري هنڌن تي جوائننگ نه ڏيندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي  ڪئي ويندي.