سکر: ميٽرڪ جي امتحان ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان اڳڀريون پر ڇوڪرين جو مجموعي تعداد ڇوڪرن کان ٽيڻ تي گھٽ رهيو، تعليم سکر طرفان جاري ڪيل ميٽرڪ سائنس جي نتيجن مطابق ميٽرڪ جي امتحان ۾ 44592 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 31842 ميل ۽ 12750 فيميل اميدوارن حصو ورتو. مجموعي طور ٽيئي پوزيشنون ته ڇوڪرين حاصل ڪيون، پر امتحان ۾ حصو وٺندڙ ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان ٽيڻ تي گھٽ رهيو. ان جي باوجود سٺين مارڪن سان نياڻيون پاس ٿيون آھن. اي ون گريڊ ۾ 4768 مرد ۽ 3145 عورت اميدوار پاس ٿيون. اي گريڊ ۾ 12816 مرد 5814 عورت اميدوار اي گريڊ ۾ پاس ٿيون. جڏھن ته 1295 مرد اميدوار فيل ۽ 288 عورت اميدوار فيل ٿيون. 10 مرد اميدوار ۽ 4 عورت اميدوار ڪاپي ڪيس ٿيا آھن.