اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي پنهنجي ڀاءُ فيصل چوڌري سان ججز بابت ڳالهه ٻولهه واري مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي، آڊيو ۾ فواد چوڌري پنهنجي ڀاءُ سان ٻن ججز سان رابطا ڪرائڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. فواد چوڌري چئي رهيو آهي ته هن سان ٿورو ملي وٺو، هن کي چئو ته اوهان سان گڏ پوري ٽرڪ بيٺل آهي، اوهان ٻڌايو ڇا ڪرڻو آهي؟ فواد چوڌري فيصل چوڌري کي چيو ته منهنجي ذاتي تجويز آهي ته تارڙ تي ٽئي چار هنڌن تي استغاثه ڪرايو ۽ ان تي 228 لڳرايو ته جيئن ان تي دٻاءُ پوي. جنهن تي فيصل چوڌري چوي ٿو ته آئون صبح سان ڪري ٿو وٺان، فواد چوڌري صبح ان کان پڇي مون کي ٻڌائجو.  فواد چوڌري آڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ وڌيڪ جعلي آڊيو منهنجي نالي سان مارڪيٽ ۾ اڇلائي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته هن آڊيو جو مون سان ڪوبه تعلق نه آهي، چيف جسٽس لاهور سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي آهي، نه وري مون هن کي جسٽس مظاهر جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي.