واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) پهريون ڀيرو “روبوٽ وڪيل” عدالت ۾ پنهنجي مؤڪل جو دفاع ڪيو. آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب مقامي ٽيڪنالوجي ڪمپني طرفان تيار ڪيل “روبوٽ وڪيل” ايندڙ مهيني عدالت ۾ ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ ملوث شخص جو بچاءُ ڪندو. روبوٽ وڪيل جي تياري ۾ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڪمپني اختيارين جو چوڻ آهي ته “روبوٽ وڪيل” کي سمارٽ فون ذريعي هلايو ويندو. روبوٽ وڪيل عدالت جي ڪارروائي ٻڌي هيڊ فونز ذريعي پنهنجي مؤڪل کي ٻڌائيندو ته هن کي پنهنجي حق ۾ ڇا چوڻو آهي. ڪمپني جي مالڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن روبوٽ وڪيل عدالت ۾ ڪيس هرائجي ويو ته ڏنڊ جي رقم ۽ عدالتي خرچ ڪمپني ادا ڪندي.