ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته پهرين پوزيشن کسجڻ تي افسوس ٿيو آهي. خانگي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو ڏيندي شاداب خان چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ رينڪنگ اهم ناهي، نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ سکڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته غلطين کي ٺيڪ ڪيو ويندو، افتخار احمد ۽ سلمان علي آغا جي اچڻ سان مڊل آرڊر بهتر ٿيو آهي. شاداب خان وڌيڪ چيو ته سيريز ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺي نه سگهيس ٽيم ۾ هجڻ ۽ ٻاهر ٿيڻ سبب ڪارڪردگي تي فرق پوي ٿو . هن چيو ته منهنجو ڪم وچ وارن اوورن ۾ وڪيٽون وٺڻ آهي ان ۾ جيڪي ڪوتاهيون ٿيون آهن انهن تي ڪم ڪندس.