مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ خانگي ڊاڪٽر پيسا نه هجڻ ڪري نينگري جو علاج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ڪري نينگري فوت ٿي وئي.ان ڏس ۾ مٽياري باءِ پاس جي پاسي ۾ جھڳي اڏي ويٺل ٽنڊي غلام علي جي ڪولھي برادري جي 8 ورهين جي معصوم نينگري شويتا ولد لوجي ڪولھي مٽياري جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي جنھن تي فوتي نينگري جي وارثن قومي شاھراھ تي احتجاج ڪيو جنھن بعد مٽياري پوليس اسپتال جي ڊاڪٽر غلام رسول کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو فوتي نينگري جي والدہ جو چوڻ ھو ته اسان ٽنڊي غلام علي جا رھائشي آھيون مگر برساتن بعد گھرن ۾ پاڻي بيھڻ سبب لڏي اچي ھتي مٽياري باءِ پاس تي جھڳيون اڏي ويٺا آھيون اڄ صبح اسان جي نينگري کي بخار ٿيو جنھن سبب نينگري کي خانگي اسپتال کڻي وياسين جتي ڊاڪٽر چيو ته پھريان پيسا ڏيو پوءِ نينگري جو علاج ٿيندو اسان مسڪين ھوندي به نياڻي جي زندگي بچائڻ لاءِ پھريان 2000 رپيا جمع ڪرايا جنھن بعد ڊاڪٽر نينگري کي انجيڪشن ھنئي جنھن جي ٿوري دير بعد اسان جي نينگري فوت ٿي وئي نينگري جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان ۾ ڪورٽن جا چڪر لڳائڻ جي سگھه ناھي جنھن سبب اسان ڪابه ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاھيون جنھن بعد ٻنھي ڌرين جي راضپي سان مٽياري پوليس حراست ۾ ورتل ڊاڪٽر کي آزاد ڪري ڇڏيو