هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 11 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ هراري ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان پهريان کيڏيندي مقرر 20 اوورن ۾ زمبابوي کي 150 رنز جو هدف ڏنو. بابر اعظم 2 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو، محمد رضوان هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 82 رنز جي اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان فخر زمان ۽ دانش عزيز 15-15 رنز ٺاهيون، پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنز ٺاهيون. زمبابوي جي ويزلي مڌيويري ۽ ليوڪ جونگوي2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته رچرڊ اين گراوا ۽ بليسنگ موزار اباني هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ زمبابوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 138 رنز ٺاهيون، ڪريڪ اروائن 34 ٺاهي نمايان رهيو. پاڪستان طرفان عثمان قادر 3 ۽ حسنين 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد حفيظ ۽ هارث 1-1 وڪيٽ ورتي. پاڪستان پهرين ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.