پهرين ترجيح پاڻي ڪڍرائي ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکرائڻ آهي: مراد علي شاهه

0
286

نيو سعيد آباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍرائي ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکرائڻ آهي

هارين ۽ آبادگارن کي نقد پئسا، ٽريڪٽر لاءِ ڊيزل ۽ ٻج ڏيڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون، انتظاميا کي وڏيون کڏون کوٽي اُنهن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي اٿئون

وڏي وزير مراد علي شاهه مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا، وڏي وزير خيما بستين ۾ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ درس وٺندڙ ٻارن سان گڏ ويهي رهيو

انتظاميا ريسڪيو ۽ رليف آپريشن بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، ٻوڏ متاثرن طرفان خيما بستين ۾ سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون ويون