اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سنڌ سوڌو چئني صوبن ۾ بنا جواز جي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ ۽  پوليس سروس گروپ جي آفيسرن کي هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن  موڪلڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ سوڌو چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين کي لکت ۾ خط اماڻيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي مسلسل معلومات ۾ اچي رهيو آهي ته صوبائي حڪومتون بنا سبب ٻڌائڻ جي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ ۽ پوليس گروپ جي آفيسرن کي بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اماڻي رهيون آهن، جيڪو عمل ان حوالي سان 1993ع جي بين الصوبائي معاهدي ۽ سول سروس رول 1954ع جي شق 15 جي خلاف آهي، صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي اماڻيل ليٽر ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واضح ڪندي چيو آهي ته صوبن ۾ مقرر پوليس سروس توڙي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي آفيسرن بابت صوبائي حڪومتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رڳو مناسب سببن جي بنياد تي ڪنهن آفيسر جون خدمتون واپس وٺڻ يا بدلي ڪرڻ جي درخواست ڪري سگهن ٿيون، صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪجي ٿي ته 1993ع جي بين الصوبائي معاهدي ۽ سول سروس رول تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، اگر ڪنهن به صوبائي حڪومت کي ڪنهن پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ يا پوليس سروس گروپ جي آفيسر جون خدمتون گهربل ناهن ته پهريان  ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسر جون خدمتون واپس وٺڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي، ائين اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ سوڌو چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت کي بنا سبب بيان ڪرڻ جي ڪنهن به آفيسر کي بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن موڪلڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ذريعن مطابق صوبائي حڪومتن جي اهڙي ڪنهن به فيصلي تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن عملدرآمد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوآهي.