پنھنجو پاڻ تي سيڙپ ڪيو … سنڌيڪار :ع لي

0
151

زندگي ۾ توھان سيڙپ ڪاروبار تي ڪئي ھوندي گھر تي ڪئي ھوندي ڪنھن به شوق تي ڪئي ھوندي ايندڙ مستقبل لاءِ اولاد تي ڪئي ھوندي مطلب ھر جڳھه تي سيڙپ ڪئي ھوندي ان سيڙپ مان ڪڏھن ڪٿي فائدو مليو ھوندو ڪڏھن ڪٿي فائدي ملڻ بجاءِ نقصان به ٿيو ھوندو

پاڻ تي سيڙپ ڪيو

زندگي ۾ ھر جڳھه تي ڪيترن ئي ڪاروبارن سيڙپ مان نقصان فائدو ضرور مليو ھوندو پر ھڪڙي سيڙپ پاڻ تي به ڪيو اھا سيڙپ سڄي زندگي توھان کي ڪمائي کارائيندي ۽ توھان کي ھڪڙو بھترين ڪامياب انسان ٺاھڻ ۾ مدد ڪندو

ڇا ڪرڻ گھرجي ؟

زندگي جي ڪيترن ئي ڪم ڪار ۾ وقت گذري ٿو وڃي پر انھن ڪم ڪار مان ٽائيم ڪڍي روز ڪجھه نه ڪجھه نئون سکڻ جي ڪوشش ڪيو ڪو ھنر ھجي ڪنھن ملڪ جي ٻولي ھجي جيڪا شيء توھان کي نه ايندي ھجي ۽ خواھش به ھجي اھا سکو ڪيترو ئي ٽائيم فيسبوڪ سميت مختلف سوشل ميڊيا کي ڏيون ٿا ان ٽائيم مان 15-20 منٽ اڌ ڪلاڪ ڪلاڪ پاڻ تي سيڙايو ته گھڻو ڪجھه سکي سگھجي ٿو اھا سکيا توھان کي روز ڪجھه نه ڪجھه ڪمائي ڏيندي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)