پنگريو(ن پ ا) پنگريو باء پاس روڊ تي ٻن مھينن کان پراڻ نندي کي ايم ايم ڊي 4آرڊي وٽان لڳل  گھاري سبب ويٺل متاثرن گھرن مان پاڻي نيڪال لاء ا مظاھرو ڪيو. جتي حميد کوسو  شائو گواريو ڦو ٽو کوسو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته  رنگ بند ڏئي گرڊ اسٽيشن کي بچائڻ لا  مٽي جي ڀرائي سبب ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن ۽ روڊ تان ٽرانسپورٽ کي گزڻ ۾ مشڪلاتون پيش آھن. باء پاس روڊ جي ھڪڙي پاسي متاثرين جون ڪئمپون ٻي پاسي رنگ بند جي مٽي سبب رستو سوڙھو ٿيڻ جي ڪري ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي پاڏي مٿان چڙھي وئي پاڏو مري ويو پراڻ نندي کي ايم ايم ڊي 4آر ڊي  وٽان 28آگسٽ تي لڳل گھاري جو پاڻي 2 مھينا گذري وڃڻ باوجود پنگريو ۽ آسپاس پاڻي بيٺل آھي گھرن مان پاڻي نيڪال ڪري گھر تعمير ڪرڻ سان گڏ مالي مدد جو ڪري کين بحال ڪيو وڃي.