پنگريو  ( ن پ ا )  پراڻ نندي کي ايم ايم ڊي جي 4آر ڊي وٽان لڳل گھارو 23 ڏينھن به ٻڌجي نه سگھيو آهي، ڳوٺاڻا انتظاميا  جي گھاري کي ٻڌڻ ۾ عدم دلچسپي کانپوء پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو ٻڌڻ واري ڪم کي لڳي وياآھن. ڳوٺاڻن ٽائيم نيوز جي ٽيم جي گھاري واري ھند پھچڻ تي ٻڌايو ته ھو گھاري کي پاڻ ٻڏي رھيا آھن جڏھن 3ڀيرا گھارو ٻڌجڻ باوجود گھارو رات جي وقت لڙھي وڃي ٿو جنھن لاء گھاري جي چوڪسي به پاڻ ڪندا  ته جيئن وري گھارو لڳائي کين ٻوڙي نه سگھن ھوڏانھن  انتظاميا ڳوٺاڻن جي پھچڻ کانپوء ٻيڙيون ڪاھي گھاري واري ھند پھچي گھارو ٻڌائڻ جي عمل ۾ شامل ٿي وئي ھوڏانھن  گھاري جون تباھيون جاري  آھن پنگريو ملڪاڻي سمن سرڪار ڏيئي جرڪس حيات خاصخيلي پير بودلو بھادر چانڊيو خانشاه  ڏاڏاه مير خانھادر  يوسيز  جي ھزارين ٻوڏ متاثر ماڻھن جو پنجين ڏينھن به ٿر ڪول تي لڳل ڌرڻو جاري رھيو .