پنگريو (ن پ ا)  پنگريو جي زرعي مارڪيٽ ۾ ڦٽي جو نئون فصل اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ واپارين ۽ ڪمپيوٽر ڪانٽي وارن جي ملي ڀڳت خلاف آبادگارن اشرف شورو شوڪت راجپوت ابراھيم ڀونئرو پنھنجي اخبار اڳيان دانھيدي چيو ته  ھو پنھنجي ٻني مان ڦٽي جو وزن ڪري اچن ٿا پر ڦٽي جا واپاري انھي کي تسليم نٿا ڪن ۽ کين ڪمپيوٽر ڪانٽي تي موڪلين ٿا جتي واپارين ۽ ڪانٽي وارن جي ملي ڀڳت ٿيل ھوندي آھي جنھن سان في مڻ تي 5کان 6ڪلو وزن جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ واپاري 2ڪلو في مڻ تي بارداني جي نالي تي الڳ کان ڪٽوتي ڪن ٿا جنھن سان کين وڏو نقصان ٿي رھيو آھي ھنن اھڙيون شڪايتون لاڳاپيل کاتي وٽ ب  ڪيون آھن پر انھي جو ڪو ب کڙتيل نه نڪري سگھيو آھي آبادگارن مطالبو ڪيو ته  اختياريون نوٽيس وٺي آبادگارن سان ٿيندڙ ناجائيز ڪٽوتي ختم ڪرائين.