ٽنڊوباگو / پنگريو (ن پ ا) پنگريي ۾ سنڌو درياءَ جي پراڻن وھڪرن جي بحالي لاءِ 6 ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ ۽ شٽربند هڙتال ڪرڻ تان پنگريو، ملڪاڻي، حيات خاصخيلي جي 30 سڃاتل ۽ سوين نامعلوم ڳوٺاڻن تي کوسڪي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ٻوڏ متاثر جي 15رڪني ڪاميٽي جي اڳواڻن نديم گجر مير محمد بخش ٽالپر علي دلواڻي اصغر ڪمبوه گھرام چانڊيو ارشد چانڊيو شاھجان ملاح سچوا اڳواڻ اڪبر چانڊيو اڪرم جوڻيجو آفتاب لغاري انساني حقن جي بدين ضلعي ڪنوينر مخدوم اڪبر صحافي علي گل کوسو صحافي گل محمد ويڙھو آبادگار اڳواڻ قاضي ڪرم الله ۽ فاضل راھو جي ساٿي مير مظھر ٽالپر کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پنگريو جي واپارين شٽر بند ھڙتال ڪئي. شھر جون  مارڪيٽون شاھي بازار  ونگو روڊ سمن سرڪار روڊ سميت سڄو شھر شٽر بند  رھيو. ھوڏانھن   پنگريو پوليس ۽ کوسڪي پوليس ڇاپا ھڻي چئن ڄڻن رمضان لنڊ اصغر چانڊيو محمد خان چانڊيو صابر دلواڻي کي گرفتار ڪري  گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن خلاف گم ٿيل متاثرن جي وارثن  عبدالخالق لنڊ محمد طيب لنڊ عبدالحئي چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪلب پنگريو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن دانھيدي چيو ته پوليس با اثرن جي ونگار وھندي گم ڪيل چئني ٻوڏ متاثرن کي فل فراءِ ڪرڻ چاھي ٿي جنھن جي سپريم ڪورٽ ۽ ھاء ڪورٽ نوٽيس وٺي کين آزاد ڪرائي  لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جڏھن ته پنگريو ۽ کوسڪي پوليس اھڙي ڪنھن گرفتاري کان خبر لکڻ تائين لاتعلقي ظاھر ڪئي آھي  ٻي پاسي پنگريو شھر جي ماڻھن ۾ گذريل ڏينھن ٿر ڪول واقع خلاف سخت رنج ۽ غصي جي لھر ڇائينيل آھي. ٻئي پاسي ڪيس ۾ نامزد ماڻهن جي ضمانت ۽ مفت ۾ ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاء عوامي لائرس فورم بدين طرفان 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. جڏهن ته ايف آء آر ۾ نامزد ٿيل ٻن پنگريو جي صحافين علي گل کوسو ۽ گل محمد ويڙهو جا نالا ايف آء آر مان خارج ڪرڻ لاء بدين جي صحافين جي وفد ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ سان ملاقات ڪئي، جن کي ايس ايس پي بدين يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر پنگريو جي صحافين جا نالا ڪيس مان خارج ڪيا ويندا ڪيس ۾ غلط نالا ڏيڻ ڪري ايس ايڇ او کوسڪي ميھار سٺيو خلاف انڪوائري ڪئي ويندي. ياد رھي ته ايس ايڇ او ميھار سٺيو ڪجهه مھينا اڳ ڏيئي جي صحافي اعجاز مڱريو تي ڪيس داخل ڪري ٿاڻي ۾ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ھو.