پنگريو (ن پ ا) پنگريو _سمن سرڪار روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل جو پاڻ ۾ زوردار  ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ عورت ڪوثر کوسو  موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ 2 ٻار 14سالا شعيب کوسو 8 مھينن جو فيضان کوسو ۽ ھڪ عورت امام زادي زخمي ٿي پيا . زخمين کي پنگريو صحت مرڪز آندو ويو جتان زخمين  کي بدين نيو ويو ڊاڪٽر زخمي عورت امام زادي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي رھيا  موقع تي فوت ٿيندڙ عورت ڪوثر کوسو جولاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو نيو ويو.