پنگريو  (ن پ ا) پنگريي زرعي توسيع جي زمين تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ ديھه ميساڏي ۾ زرعي توسيع کاتي جي زرعي زمين تي مبينا قبضي ۽ اڏاوت خلاف زراعت کاتي حيدرآباد ھڪ ليٽر نمبر 08/2023 جاري ڪري روينيو کاتي تعلقه ٽنڊو باگو جي اي سي کي قانون موجب ڪاروائي جي ھدايت ڪئي آھي انھي سلسلي ۾ اسسٽنٽ فيلڊ آفيسر زرعي توسيع کاتي پنگريو محمد صديق کچي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته رضا احمد کوسو پنگريو جھڏو بائي پاس ڀرسان مٽي جي ڀرائي ڪري زراعت کاتي جي زمين تي قبضو ڪري رھيو آه جنھن جي شڪايت بالا آفيسرن کي ڏني جنھن تي ڪاروائي لاء حيدرآباد آفيس ليٽر جاري ڪري اي سي ٽنڊو باگو کي لکيو ويو آه ته قبضي خورن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي پاسي الزام ھيٺ ايندڙ يوسي سمن سرڪار جي چيئرمين پ پ اڳواڻ رضا محمد کوسو پنھنجي اخبار کي رابطي تي ٻڌايو ته ھن مزڪوره زمين پيسن سان خريد ڪئي آه جنھن جا وٽس ڪاغذ به موجود آھن.