ملڪاڻي  شريف (ن پ ا) بدين ضلعي جي شهرن پنگريو ٽنڊوباگو شادي لارج ملڪاڻي نندو کي ضلعي ميرپورخاص سان ملائيندڙ واحد پنگريو ملڪاڻي سم نالي جي پل پندرنهن ڏينهن کان ڊٺل آهي، جنهن جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن ته جھڏو پنگريو ملڪاڻي  روڊ چئن  سالن ۾ تباهه ٿي ويو آهي، ناقص مٽيريل جي استعمال سبب روڊ اکڙي ويو، ڪيترن ئي روڊ جي پلن جو ڪم به اڌ ۾ رھيلآهي ۽ ٺيڪيدار  ٽن سال کان گم  ٿي ويو آهي. روڊن تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. رهواسين شفيح  ملڪاڻي، شڪيل  لغاري، امان الله شاهه، روي ميگھواڙ  ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته انهيَ روڊ کي چار سال ئي نه گذريا آهن ته روڊ وري تباهه ٿي ويو ۽ پلون به ڪري  ويون .آهن انهيَ روڊ جي بحالي لا۽ اسان ٽي مھينا لاڳيتو تحريڪ ھلائي  ھئي جنهن تي انهيَ روڊ جو ڪم ھليو ھو روڊ وري اھڙو ٺھيو جو چئن  سالن جي مختصر عرصي ۾ تباهه ٿي ويو. ملڪاڻي  روڊ جو ڪم ھلائي  زندگيون بچائي سفري مشڪلاتن  کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ روڊ جي بحالي لاء ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.