پنگريو ( ن پ ا ) پنگريو صحت مرڪز تي سول جج ٽنڊوباگو دين محمد مگسي جي ڇاپي دوران پٽيوالي کانسواءِ سمورو عملو غيرحاضر هو، جنهن تي سول جج سخت ناراضگي جو اظھار ڪيو، ڊيوٽي ڊاڪٽر لوو ڪمار جي غيرحاضري بعد وربلي آرڊر تي مقرر اي ايم ايس ٽنڊوباگو ڊاڪٽر فضل ميمڻ پھچي سول جج کي اسپتال ۾ مسئلن بابت آگاهه ڪيو، سول جج چيو ته صحت مرڪز ۾ دوائن جي کوٽ سميت ڊاڪٽر ۽ عملي جي غير حاضري جي رپورٽ صحت کاتي جي اختيارين اماڻي ويندي……..