پني عاقل ۾ ڪُڪِڙِ چوري جي معاملي تان جوابدار جي فائرنگ ۾ ناري قتل

0
189

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل جي بائيجي ٿاڻي جي حد ۾ ڪُڪِڙِ چوري جي معاملي تان جوابدار جي فائرنگ دوران ناري قتل ٿي وئي آهي

پنوعاقل ويجهو ڳوٺ چندن مياڻي ۾ ڪُڪِڙِ چوري جي تڪرار تان فائرنگ ۾ ناري قتل ٿي وئي آهي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو

مقتولا ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار اسد ميراڻي جي فائرنگ ۾ صوبيه ميراڻي مارجي وئي آهي، ظلم ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي

ٻئي پاسي مقتول ناري جي مڙس جو چوڻ آهي ته جوابدار پرائمري استاد آهي، ڪُڪِڙِ جي معاملي تي ڪالهه به اسان وٽ آيو هو، اڄ وري آيو، منهن ماري ٿيڻ تي هُن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن نتيجي ۾ منهنجي گهرواري مارجي وئي آهي، بيگناهه گهرواري کي قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، الزام هيٺ  آيل اسد ميراڻي ماستر آهي، واقعي جي  جاچ ڪئي پئي وڃي

هي به پڙهندا

اڳڙا ويجهو ناري مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو، هڪ جوابدار سوگهو

ڌاڙيل مغوين جي ڌيئرن ۽ زالن سان زيادتي ڪري وڊيوز ڀرين ٿا: اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل