پنو عاقل(ن پ ا) پني عاقل ڀرسان ارڙي وگهي نينگر فوت ٿي ويو، ڳوٺ پير بخش ناپر واسي نينگر حمزا پٽ شمس الدين ناپر کي سندس وارث تعلقي اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتگي جي تصديق ٿيڻ بعد نينگر جي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، فوتي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي حمزا ارڙي ۾ مبتلا هو، جنهن سبب فوت ٿي ويو آهي.