پنو عاقل ۾ پوليس جي تشدد بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر کي ڌمڪين خلاف احتجاج

0
267

پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل ۾ پوليس جي تشدد بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر کي ڌمڪين خلاف احتجاج، تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرز ۽ عملي طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ايمرجنسي وارڊ اڳيان احتجاج دوران پوليس خلاف نعريبازي، ايم ايس ۽ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته سالو جتوئي جي پوسٽ مارٽم دوران تشدد جي تصديق ٿي هئي، اهڙو ليٽر جاري ڪندڙ ڊاڪٽر آصف شيخ تي ايس ايڇ او ڏمرجي پيو، پوليس پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لاءِ ڊاڪٽر کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ڊاڪٽر کي ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.