سکر/پنوعاقل (نمائندن وٽان) ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ڊي ايف او سکر ضياد اللھ لغاريءَ ۽ رينج آفيسر ڪاشف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي سڌوجا پھتي، جِتي ٽريڪٽرن جي مدد سان ڪمند ڀيلايو پئي ويو ته ھوائي فائرنگ ڪئي وئي جنھن کان پوءِ ٻيلي کاتي جي ٽيم ۽ پوليس جي وڏي نفري اُتان فوري طور کسڪي وئي ۽ آپريشن ختم ڪري سڌوجا ٿاڻي تي پھچي وئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب چاچڙ برادري جي مقامي ماڻھن ۽ ٻيلي کاتي توڙي پوليس وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ ايس ايچ او سڌوجا خليل سومرو ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور مير بروھي لٺيون لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿي ويا. جنھن بعد سڌوجا ٿاڻي تي رينج فاريسٽ آفيسر ڪاشف لغاريءَ جي فرياد تي ڳوٺ ڦل ويجھو رھندڙ چاچڙ برادري جي 8 سڃاتل جوابدارن داد، نياز محمد، قطب الدين، ذڪريا، محمد شريف، عبداللھ، حزب اللھ ۽ محمد رضا ۽ 40 کان 50 اڻ سڃاتلن کي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي. فريادي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي ته ٻن جوابدارن جي ھٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ لٺيون ھيون، جوابدارن ڪمند جو فصل بچائڻ لاءِ خون ڪرڻ جي ارادي سان فاريسٽ عملي ۽ پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، جوابدار گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويا، 10 منٽن تائين فائرنگ جاري رھي، اِن دوران جوابدارن ٻيھر اچڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ۽ گھٽ وڌي ڳالھايو. ٻيلي کاتيءَ جي ذريعن موجب ٻيلي کاتي جي زمين تي سڌوجا جي ڪچي ۾ پوکيل ڪڻڪ جو فصل کڻڻ بعد ڪمند جي پوکائي ڪئي وئي آھي، آپريشن دوران ڪمند جي فصل کي نقصان پڻ پھچايو ويو آھي. ٻئي طرف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان پوءِ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن وارو سلسلو شروع ڪيو آھي.