پنوعاقل (ن پ ا ) روھڙي ۽ پنوعاقل جي ڪچي کڏھڙي ٿاڻي جي حد پير مسافر ۾ ٻه ڏينهن اڳ پراڻي تڪرار تان نوجوان مرتضيٰ مھر جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، گذريل ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي ڪري ڏني، حسين ٻيلي واسڻ نينگري فرزانا مھر گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي جنھن کي علاج اسپتال منتقل ڪيو ويو ، پوليس موجب روھڙي تعلقي جي ٿاڻي کڏھڙي جي حد ۾ مھر جي ٻن ڌرين نوجوان جي قتل کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪرڻ سبب گولي اچي گھر ۾ ھڪ نينگري کي لڳي آھي جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي .