پنو عاقل ڀرسان اغوا ٿيل ميرپور ماٿيلو واسي اهلڪار ۽ سندس گهرواري بازياب

0
290

ميرپور ماٿيلو(ن پ ا)پنو عاقل ڀرسان اغوا ٿيل ميرپور ماٿيلو واسي اهلڪار ۽ سندس گهرواري27 ڏينهن بعد بازياب ٿي ويا، علائقي ۾ راڄوڻي ڪوششن سان جوڙي جي بازيابي جا چئوٻول هلي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس طرفان اهلڪار ابراهيم چڍڙ ۽ سندس گهرواري مسمات سچل کي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، ڌاڙيلن جوڙي کي پُٽ جي رشتي لاءِ پنو عاقل گهرائڻ بعد اغوا ڪيو هو، سندن وارثن کان 50 لک رُپيا ڀُنگ به گهريو ويو هو، بازياب ٿيل اهلڪار ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڌاڙيل زال سوڌو اغوا ڪرڻ بعد ڪچي ۾ وٺي ويا، رات جو ٻيڙي تي درياهه پار ڪرڻ بعد ڪچي ۾ آندو ويو جتي رتِي ٻيلو تيغاڻي ۾ مغوي بڻائي رکيو ويو، هن چيو ته ڌاڙيل تشدد ڪندا هئا ۽ مارڻ جون به ڌمڪيون ڏيندا هئا، پر ڌاڙيل منهنجي گهرواري کي ڪجهه نه چوندا هئا، هڪ پيرسن سندس گهرواري کي ڌيءُ سڏي پارت ڪئي، جنهن بعد ڌاڙيل سندس گهرواري کي ڪجهه نه چوندا هئا، اهلڪار ۽ سندس زال جي بازيابي تي گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.